شهاب الدين خواجه

شهاب الدين خواجه: هيءُ خواجه عبيدالله احرار علويءَ جي اولاد مان هو. مير علي شير قانع ٺٽوي پنهنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “خواجه شهاب الدين بن خواجه مير ڪمال الدين هرات مان نڪري، ارغون حڪمرانن سان گڏجي ٺٽي آيو هو ۽ کيس ڪلان ڪوٽ ۾ جاگير ملي، جنهن بعد مير ڪمال الدين اتي ئي وفات ڪري ويو ۽ سندس مزار فتحي جي ٽڪر تي آهي، جيڪو ‘فتحي نگر’ جي نالي سان مشهور آهي. کيس خواجه نجم الدين، خواجه شمس الدين، خواجه رضي الدين ۽ خواجه شهاب الدين نالي چار پٽ هئا.
همايون بادشاهه، مير ڪمال الدين جو گھڻو عقيدتمند هو، انهيءَ ڪري جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه هن کي پنهنجي درٻار ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. مير ڪمال الدين وڏي عمر هئڻ ڪري عذر پيش ڪري پنهنجي پٽ خواجه شهاب الدين کي اڪبر بادشاهه جي درٻار طرف روانو ڪيو، جيڪو ڪيترو ئي عرصو بادشاهي درٻار ۾ وڏي شان شوڪت سان رهيو، پر پوءِ واپس پنهنجي والد جي خدمت ۾ موٽي آيو. ميرزا شاهه بيگ ارغون جي خاص امير مير محمد حسين گيلانيءَ جي ڌيءَ سان نڪاح ڪيائين. خواجه شهاب الدين جي اڪبر بادشاهه توڙي ارغون حاڪمن وٽ وڏي عزت هوندي هئي. مير شهاب الدين سڄي زندگي خدمت خلق ۾ گذاري ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان زيادتي ڪانه ڪئي. سندس دور سنڌ ۾ ارغون حاڪمن وارو دور ليکيو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو